پير بخاري1

پير بخاري1: انگريزن خلاف جدوجهد ڪندڙ هن اهم ڪردار، پير بخاريءَ جو اصل نالو سيد اسدالله شاهه ولد سيد علي شاهه هو. هيءُ اوڻيهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ قنڌار (افغانستان) ۾ پيدا ٿيو. والد جي وفات بعد پنهنجي ڀاءُ سيد عبدالحميد شاهه سان گڏ چوٿين ڏهاڪي ۾ قنڌار کان خانڳڙهه (جيڪب آباد) لڏي اچي ويٺو. 1843ع ۾ انگريزن، ٽالپرن کي شڪست ڏئي، سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. خانڳڙهه (جيڪب آباد) انهن ڏينهن ۾ هڪ ننڍو ڳوٺ هو، جتي سيد اسدالله شاهه پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي هڪ ننڍي مسجد ٺهرائي، جيڪا اڄڪلهه شهر جي جامع مسجد سڏجي ٿي. انگريزن جي قبضي کان پوءِ سيد اسدالله شاهه، ٻين مجاهدن، خان جکراڻي'>دريا خان جکراڻي، دلمراد کوسي، سردار بجار خان ڊومڪي، شاهه عنايت شاهه ۽ سردار شير علي بليديءَ سان گڏجي انگريزن خلاف جهاد ڪيو. پاڻ ان تحريڪ جو روح روان ٿيو. سندس رهائش موجوده پير بخاريءَ واري درگاهه وٽ هئي، جيڪا اڄ تائين سندس پونئرن وٽ آهي. انگريزن ان وقت خان ڳڙهه جو نالو مٽائي ’جيڪب آباد‘ رکيو ۽ وڏن سردارن ۽ وڏيرن کي وڏيون جاگيرون ڏئي، بغاوت کي ڪنهن حد تائين روڪڻ ۾ ڪامياب ويا.
پير صاحب تاريخ 26 شوال 1277هه/1860ع تي جيڪب آباد ۾ وفات ڪئي، کيس موجوده درگاهه جي اندر جاءِ ڏني وئي. هيءَ درگاهه 150 سالن گذري وڃڻ جي باوجود اڄ به سندس نالي پير بخاريءَ سان مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو